بيت المقدس: (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ قائم اسپتال تي هوائي حملي ۾ 500 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن جنهن تي پاڪستان سميت ٻين ملڪن طرفان سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.غزه ۾ قائم اسپتال اسرائيل جي راڪيٽ حملي کان پوءِ ملبي جو ڍير بڻجي وئي آهي جڏهن ته چوڌاري باهه پڻ لڳي وئي. صحت واري وزارت موجب اسپتال زخمي ۽ بيمار مريضن سان اڳ ئي ڀريل هو. اسرائيل طرفان ڪيل حملي جي مختلف ملڪن پاڪستان، سعودي عرب، مصر، ڪينيڊا، ترڪيه قطر سميت ٻين سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پاڪستان جي پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيل طرفان حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ويو آهي ته هٿين خالي عوام ۽ اسپتالن کي نشانو بنائڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. سعودي عرب اسپتال تي حملي کي سنگين ڏوهه قرار ڏيندي چيو آهي ته اسپتال تي حملو ڪندڙ اسرائيلي فورسز انتهائي سنگين ڏوهه ڪيو آهي. مصر اهڙي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري کي اهڙين ڀڃڪڙين کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي مداخلت ڪرڻ گهرجي.ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو ته غزه جي اسپتال تي اسرائيلي حملو خوفناڪ آهي اهو حملو نه برداشت ڪرڻ جوڳو آهي ۽ نه ئي وري معافي جوڳو آهي.ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو ته غزه جي اسپتال تي حملو اسرائيل جي حملن جي تازه ترين مثال آهي. جيڪا بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. اردگان سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي ايڪس تي لکيو آهي ته مان پوري انسانيت سان غزه ۾ ٿيندڙ ظلم کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪريان ٿو.قطر جي پرڌيهي وزارت هڪ بيان جاري ڪندي غزه ۾ اسپتال تي اسرائيلي هوائي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.فلسطيني صدر محمود عباس غزه ۾ اسپتال تي حملي کان پوءِ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. اسرائيلي فوج جي ترجمان ريئر ايڊمرل ڊينيئل باگري چيو آهي ته اسپتال ۾ ٿيندڙ فوتگين جي باري ۾ اڃان تائين ڪي به تفصيل نه ڏنا ويا آهن. اسان تفصيل حاصل ڪري عوام کي صحيح انگ اکر جاري ڪنداسين.