اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بيجنگ ۾ منعقد ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت ڪئي جتي هن چيني هم منصب، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، قازقستان ۽ سريلنڪا جي صدر سميت ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون آهن.رپورٽ موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هن وقت چين جي دوري تي آهي. نگران وزيراعظم جون چيني هم منصب پريمئير لي چيانگ سان ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي اڄ بيجنگ ۾ ملاقات ٿي ملاقات ۾ نگران وفاقي ڪابينه جا ميمبر ۽ سرڪاري آفيسر به وزيراعظم سان گڏ موجود هئا.ٻنهي اڳواڻن مضبوط ۽ پراڻن پاڪ چين لاڳاپن جو ذڪر ڪندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوام جي پاڻ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.وزيراعظم چيني قيادت کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي شاندار رونمائي تي مبارڪباد پيش ڪئي. بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اهو منصوبو مواصلاتي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي بدولت پوري دنيا لاءِ اهميت جوڳو آهي. ٻنهي اڳواڻن چين ته پاڪستان اقتصادي راهداري جي حوالي سان پاڪ چين لاڳاپن ۽ معاشي رابطن کي هٿي ڏيڻ واري ڳالهيون ڪيون. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪستان اقتصادي راهداري پاڪستان جي معيشت لاءِ اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته سي پيڪ پنهنجي تعمير جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ صنعتي ترقي، روزگار جي فراهمي جي منصوبي، معدنيات، آءِ ٽي ۽ زراعت جي ترقي شامل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي خصوصي سرمائيڪاري زونز ۾ چيني ڪمپنين جي سرمائيڪاري سان پاڪستان جي برآمدات ۾ اضافو ۽ صنعتي پيداوار وڌندي.وزيراعظم لي چيانگ پاڪ چين لاڳاپن کي هٿي ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي تعميراتي، ترقي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي هم آهنگي ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندي.ٻئي وزيراعظم چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شريڪ ٿيا. اهڙن شعبن ۾ ڪامرس، مواصلات(جنهن ۾ ايم ايل 1 جو منصوبو به شامل آهي) غذائي تحفظ، تحقيق، خلائي تعاون، پائيدار شهري ترقي، صنعتي تعاون، افرادي قوت ۾ اضافو، معدنيات جي ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ ويڪسين ٺاهڻ جي شعبا به شامل آهن.ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل طرفان گذريل سال ٻوڏ دوران پاڪستان جي دوري ۽ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي عمل ۾ خصوصي دلچسپي تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي موسمياتي تبديلي سبب متاثر ملڪن جي لاءِ قدم کڻڻ ۽ هن اهم چيلينج تي سڄي دنيا ۾ آگاهي جي لاءِ قدم کڻڻ تي به خراج تحسين پيش ڪيو.اهڙي طرح وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ قازقستان جي صدر قاسم جورمات توقايف سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان قازقستان وچ ۾ واپار ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون.وزيراعظم ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شريڪ سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون.