My WordPress Blog

اسرائيل کي نسل پرست رياست چئو: فاطمه ڀٽو جي ملالا تي سخت تنقيد

0

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ملالا يوسفزئي غزه ۾ الاهلي اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن کان پوءِ مشهور پاڪستاني ليکڪ ۽ شهيد  ميرمرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو طرفان ملالا يوسفزئي تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي.گذريل رات دير سان غزه شهر جي الاهلي عرب اسپتال تي اسرائيلي فوج طرفان هوائي حملا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد جڏهن ته سوين زخمي ٿي پيا آهن. غزه ۾ قائم اسپتال اسرائيل جي راڪيٽ حملن کان پوءِ ملبي جو ڍير بڻجي وئي آهي جڏهن ته ان جي چوڌاري باهه لڳل آهي. صحت واري وزارت موجب اسپتال زخمي ۽ بيمار مريضن سان پهريان ئي ڀريل هو.ملالا يوسفزئي غزه جي اسپتال تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ملالا چيو آهي ته مان غزه ۾ الاهلي اسپتال تي بمباري ڏسي ڊڄي وئي آهيان، اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿي. ملالا اسرائيلي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته غزه ۾ انساني امداد اماڻڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽  فوري طور تي جنگبندي ڪئي وڃي.ملالا جي اهڙي بيان تي مشهور پاڪستاني ليکڪ فاطمه ڀٽو ملالا جي وڊيو بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اوهان ان کي اهو ئي چئو جيڪو ٿي رهيو آهي يعني فلسطينين جي نسل ڪشي. فاطمه ڀٽو ملالا  مٿان تنقيد ڪندي چيو ته اسرائيل کي ان جي نالي سان سڏيو يعني نسل پرست رياست.ياد رهي ته غزه جي صحت واري وزارت چيو آهي ته اسپتال تي ٿيندڙ حملي ۾ گهٽ  ۾ گهٽ 500 ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن. اسرائيلي فوج گڏيل قومن جي انتظام هيٺ اسڪول ۾ موجود پناهگيرن کي به نشانو بنايو آهي.فلسطيني صدر محمود عباس غزه جي اسپتال تي حملي کان پوءِ 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. غزه ۾ حماس حڪومت جي ميڊيا آفيس  اسپتال تي حملي کي جنگي ڏوهه قرار  ڏئي ڇڏيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.