ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي گلشن اقبال جمالي ڪالوني ۾ بنگلي تي ڪم ڪندڙ اٻاوڙو واسي ناري کي گهر مالڪ بيهوشي ۾ حالت ۾ ڇڏي ويا، ناري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، وارثن زيادتي جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.وارثن موجب ناري الطاف حسين جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي، آچر تي گهر مالڪ ناري کي اسپتال پهچائڻ بدران بيهوشي جي حالت ۾ اسان جي گهر ڇڏي ويا.وارثن موجب اسان نياڻي کي اسپتال کڻي وياسين ته ڊاڪٽرن جناح اسپتال ريفر ڪيو، جناح اسپتال ۾ آئي سي يو ۾ هئي، اڄ ناري دم ڏنو.وارثن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن چيو ته سونيا جو موت زهر سبب ٿيو، گهر مالڪياڻي جا 4 پٽ گهر ۾ موجود هئا، شڪ آهي ته سونيا سان زيادتي ڪئي وئي ۽ بعد ۾ زهر ڏنو ويو آهي.ناري جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي، گهرمالڪ ۽ سندس پٽن کي گرفتار ڪيو وڃي.وارثن جو چوڻ هو ته پوليس اسان سان سهڪار نه پئي ڪري معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.