My WordPress Blog

ٽنڊومحمدخان: ايف يو جي طرفان شهيد صحافي جان محمد مهر قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

0

ٽنڊو محمد خان: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاء الفتاح چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.احتجاجي ريلي جي اڳواڻي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي مرڪزي اڳواڻن لالا رحمان سمون، خالد کوکر، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي صدر اقبال ملاح سميت سياسي سماجي قومپرست اڳواڻن سميت صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي .ان موقعي تي لالا رحمان سمون چيو ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ جو بنيادي سبب اهو آهي ته سنڌ حڪومت مسئلن جو شڪار آهي،  عام ماڻهو صحافي کي قتل ڪرڻ کان پوءِ وڏي دعويٰ سان چئي رهيا آهن ته اسان قتل ڪيو آهي ان باوجود به جيڪڏهن سنڌ حڪومت گرفتار نٿي ڪري سگهي ته سنڌ حڪومت کي استعيفيٰ ڏئي گهر وڃڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو وڌي ويو آهي، پرامن ماڻهو سنڌ ۾ رهي نٿا سگهن.صحافي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي صحافين مان پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.