My WordPress Blog

نسله ٽاور کانپوءِ هڪ ٻِي بلڊنگ ڊاهڻ جو حڪم

0

سنڌ(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ آگرا تاج ۾ 96 گزن تي ٻڌل پلاٽ تي 9 ماڙ عمارت جي اڏاوت خلاف درخواست تي ٻڌڻي  دوران وڏو حڪم ڏنو آهي.عدالت 9 ماڙ عمارت ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ کي ٻن هفتن ۾ عمارت ڊاهي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.عدالت حڪم  ڏنو آهي ته ايس بي سي اي عملدار عمارت ڊاهي پٽ ڪري اڳڀرائي رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي جمع ڪرائين، عدالت الاٽيز جي درخواست به رد ڪري ڇڏي.عدالت الاٽيز جي وڪيل کان پڇاڻو  ڪيو ته توهان هن عمارت ۾ فليٽ ڪهڙي بنياد تي خريد ڪيا؟، جڏھن توھان فليٽ خريد ڪري رھيا ھئا تڏھن سڀ ڪجھه ڏسو ھا؟ اسان توهان جي درخواست کي رد ڪريون ٿا.عدالت الاٽيز جي وڪيل کي چيو ته توهان معاوضي لاءِ الڳ درخواست داخل ڪري سگهو ٿا، عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.درخواستگذار چيو ته 96 گز جي پلاٽ تي 9 ماڙ عمارت ٺاهي وئي آهي ۽ فليٽ به وڪرو ڪيا ويا آهن، عدالت جي حڪم باوجود عمارت ٺاهي وئي آھي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.