My WordPress Blog

مولانا فضل الرحمان جهموريت جي مضبوطي لاءِ اهم تجويز ڏئي ڇڏي

0

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) جعميت علماءَ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سياسي ماحول ۽ جهموريت جي مضبوطي لاءِ سياسي جماعتن کي تجويز ڏئي ڇڏي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته تمام سياسي ڌريون هڪ ٻئي لاءِ گنجائش پيدا ڪن، وقت اچي ويو آهي سياستدان ۽ سياسي جماعتن بردباري جو مظاهرو ڪن، سياسي گنجائش لازمي آهي، اختلاف راءِ باوجود سياسي گنجائش پيدا ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته سياسي منشور، سياسي موقف ڏيڻ سڀني جو حق آهي پر پهرين ترجيح پارليامينٽ جي بالادستي آهي، سياسي ڌريون هڪ ٻئي پاءِ گنجائش پيدا نه ڪنديون ته نقصان سڀني جو ٿيندو.هن زور ڏنو ته آصف علي زرداري ۽ ڀٽو خاندان سان سياسي اختلافن باوجود پراڻا لاڳاپا آهن، اسان هڪٻئي جي خوشي ۽ ڏک ۾ شرڪت ڪندا آهيون، سياسي اختلافن ۽ ڇڪتاڻ سان نه جهموريت مضبوط ٿيندي نه ملڪي مسئلا حل ٿيندا، سياسي جماعتن جي پاڻ ۾ گنجائش جو فائدو ڪنهن هڪ پارٽي کي نه سمورين سياسي ڌرين کي ٿيندو.جي يو آءِ سربراهه چيو ته سياستدان ڪنهن سان به اختلاف راءِ يا ڌار موقف رکي سگهي ٿو پر کيس سياسي ڇڪتاڻ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، جهموريت جي مضبوطي ضد ۽ هوڏ ۾ نه پر جهموري روين جي مضبوطي ۾ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته افسوس سياستدانن جي ڪري ئي ماضي ۽ حال ۾ جهموريت خطري ۾ پئجي وئي، سڀني جي ماضي بابت ڄاڻ آهي پر هاڻ جهموريت جي مضبوطي لاءِ سياسي گنجائش واري فارمولي سان اڳتي وڌڻو پوندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.