مدئجي: (ويب ڊيسڪ) مدئجي جي ڪچي واري علائقي سب ڊويزن جهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ۾ هلندڙ ڪلهوڙا جوڻيجا تڪرار ٻيهر ڪر کنيو. هٿياربندن جي هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا آهن.ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي مٿان راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ويا جنهن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ سبحان جوڻيجو، عبدالڪريم جوڻيجو، نظر محمد ۽ نياز جوڻيجو مارجي ويا آهن. پوليس واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي آهي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪلهوڙا برادري جو هڪ ڄڻو نادر ڪلهوڙو مارجي ويو. مارجي ويلن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي.