My WordPress Blog

شڪارپور: ڪوٽ شاهو ٿاڻي مان اغوا ڪيل ايس ايڇ او سميت پنج اهلڪار بازياب

0

شڪارپور: (ويب ڊيسڪ)  شڪارپور جي تعلقي خانپور جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ عبدالحق بڊاڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز طرفان گڏيل ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران ڌاڙيلن پاران اغوا ڪيل 5 ڄڻا بازياب ڪرايا ويا آهن.هڪ هفتو اڳ ڏوهارين هٿان اغوا ٿي ويل ايس ايڇ او، سندس پٽ ۽ 3 پوليس اهلڪارن کي آپريشن دوران بازياب ڪرايو ويو آهي.ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي موجب ڪارروائي دوران ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪارن کي بازياب ڪرايو. ويو آهي. ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي ٻڌايو ته شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي اغوا  ڪيل ايس ايڇ او سميت پنجن ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.بازياب ٿيلن ۾ ايس ايڇ او محبوب بروهي، هيڊ ايڊيٽر نسيم گوپانگ، ڪانسٽيبل جان محمد، ڪانسٽيبل اياز ڪنڀار ۽ ايس ايڇ او جو پٽ محمد علي شامل آهن. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي وڌيڪ ٻڌايو ته فرار ٿيلن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. بازياب ڪرايلن کي هڪ هفتو اڳ ڪڇ جي ڪوٽ شاهو ٿاڻي مان اغوا ڪيو ويو هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.