راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي. خصوصي عدالت جي جج اڊيالا جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت گذريل ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ اڄوڪي تاريخ مقرر ڪري رکي هئي.سائفر ڪيس جي اڱاري ڏينهن ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي جنهن کان پوءِ عدالت فرد جرم جي ڪارروائي ايندڙ ٻڌڻي تي مقرر ڪري ڇڏي. گذريل ٻڌڻي تي چالان جي نقل ورهائجي نه وڃڻ سبب ڪارروائي نه ٿي سگهي اڄ عدالت جوابدارن ۾ چالان جي ڪاپي ورهائي ڇڏي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمران خان جي وڪيل شير افضل مروت چيو ته عدالت کي ٻڌايو آهي ته بنا چالان جي نقل ڏيڻ جي فرد جرم لاڳو نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي ننڍي ڪمري ۾ قيد رکيو ويو آهي. سندس حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. هن کي 9 مئي واقعن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. 22 ماڻهن ذريعي حلفي بيان ڏنا ويا. پي ٽي آءِ چيئرمين جي ملٽري ڪورٽ ٽرائل جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان جيل ۾ ٻڌڻي کي ٻيهر عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون.ان موقعي تي ايف آءِ اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر شاهه خاور صحافين سان ڳالهين ۾ چيو ته جوابدارن جي وڪيلن اعتراض ڪيو آهي ته چالان جي نقل ناهي ڏني وئي. هن ٻڌايو ته هاڻ سومر 23 آڪٽوبر تي فرد جرم جي ڪارروائي تي ٻڌڻي ٿيندي. 23 آڪٽوبر تي چارج فريم لڳايو ويندو ۽ فرد جرم به لاڳو ٿيندي جنهن کان پوءِ سائفر ڪيس جو باقاعده ٽرائيل شروع ٿيندو.