راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڪور ڪمانڊڙز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن غزه ۾ اسرائيل جي طاقت جي استعمال سان معصوم شهرين جي جاني نقصان تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي صدارت هيٺ 260 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي آهي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته فلسطيني عوام کي پاڪستاني قوم جي مڪمل سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت حاصل آهي، فلسطين مسئلي جي پائيدار حل ۽ مسلمانن جي مقدس هنڌن تي غيرقانوني قبضي جي خاتمي لاءِ اصولي موقف جي حمايت جاري رکنداسين.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فورم غزه ۾ اسرائيل جي طاقت جي استعمال سان معصوم شهرين جي جاني نقصان تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.ان سان گڏوگڏ آرمي چيف پاڪستان مان غيرقانوني پرڏيهين جي باعزت ۽ محفوظ واپسي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.فورم غيرقانوني معاشي گرمين خلاف جاري ڪارروائين جو به جائزو ورتو، شرڪت ڪندڙن چيو ته حڪومت کي معيشت جي بحالي جي قدمن ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي.