My WordPress Blog

ڪراچي ۾ متحده پاڪستان ۽ پيپلز پارٽي آمهون سامهون

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  ڪراچي ۾ متحده پاڪستان ۽ پيپلز پارٽي آمهون سامهون، اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني متحده کي ڪراچي جي سياست جو مُئل گهوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي کي دهشتگردي جي باهه ۾ ڌڪيو هو.متحده ٻوري بند لاشن ۽ ڀتي خوري کي پنهنجي سڃاڻپ بڻايو، متحده پاڪستان اندورني طور ڏڦيڙ جو شڪار آهي، پي ايس پي جي مافيا متحده کي هاءِ جيڪ ڪري ورتو آهي، هاڻي ڪراچي ۾ متحده جي ڪابه ڊرامي بازي هلڻ نه ڏني ويندي.متحده ترجمان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي پيپلز پارٽي وائڙائپ جو شڪار آهي، پيپلز پارٽي کي ڪراچي تي قبضي جا خواب ڌنڌلا ٿيندي نظر اچن ٿا، سياسي بونا هاڻي ڪراچي ۾ هڪ يوسي جي سيٽ به نٿا کٽي سگهن، مخالف ٿورو صبر ڪن، متحده کين اڃا وڌيڪ پريشان ڪندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.