ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس ڪارروائي خلاف سوپارين ۽ تماڪ جي واپارين سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، جنهن تي عدالت سنڌ حڪومت ۽ پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.گٽڪي خلاف ڪارروائي دوران سوپارين ۽ تماڪ خلاف ڪارروائي جي معاملي تي واپاري عدالت پهچي ويا.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موقف اختيار ڪندي حسيب جمالي ايڊووڪيٽ چيو ته قانون گٽڪي خلاف ڪارروائي لاءِ ٺهيو هو، پوليس سوپاري ۽ تماڪ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.درخواستگذار وڪيل چيو ته سنڌ پوليس قانون کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، هول سيلرز ۽ ريٽيلرز سوپاري ۽ تماڪ کي مڪسچر به ناهن ڪندا، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته انهن سڀني شين کي ملائي مائو ۽ گٽڪو ته ٺهي ٿو.وڪيل ٻڌايو ته سنڌ ۾ گٽڪي ۽ مائي جي وڪري تي پابندي آهي، سوپاري ۽ تماڪ جي وڪري تي نه، جيڪو پوليس کي پئسا ڏئي ان سان ڪو مسئلو ناهي.ايڊووڪيٽ جنرل ۽ پوليس جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو، جنهن تي عدالت سنڌ حڪومت ۽ پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ چيو ته ٻڌايو وڃي سوپارين ۽ تماڪ جي وڪري تي نئون قانون لاڳو ٿئي ٿو ته يا نه؟