ماتلي: (ويب ڊيسڪ) ماتلي ڀرسان گلاب لغاري شهر ۾ مبينا طور زھريلو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي. زهريلي شراب واپرائڻ سبب 68 ورهين جو مٺو ميگھواڙ 40 ورهين جو کيمچند ميگھواڙ 45 ورهين جو ناگجي بجاڻون، 50 ورهين جو فقيرو بجاڻون، 45 ورهين جو خانو ڪولهي ۽ 25 ورهين جو آچر فوت ٿي ويا ، فوتين جو انگ 6 ٿي ويو آھي۔ پوليس طرفان واقعي بابت اڃان تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي ۽ نه ئي ڪو ڪيس داخل ٿي سگھيو آهي.اھڙي اطلاع تي ايس ايڇ او گلاب لغاري علي اصغر گوپانگ فوتين جي گھرن ۾ وارثن وٽ پھچي فوتين جي موت جو سبب پڇيو جنهن تي سڀني فوتين جي وارثن فوت ٿي ويلن جي موت کي طبي موت ڄاڻائي بيان ڏيندي چيو ته ھو اوچتو فوت ٿي ويا آهن فوتين جا مڙھ سندن گھرن ۾ پھچڻ تي قھرام مچي ويو. فوت ٿي ويلن جي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاء پوليس لاش آر ايڇ سي ٽنڊوغلام علي نيو ويو فوتي ھريش جي وارثن پاران فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو.رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او گلاب لغاري جو چوڻ آهي ته اسان سوشل ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد فوت ٿي ويلن جي وارثن کان بيان ورتا آهن جنهن ۾ وارث فوتين طرفان نشو واپرائڻ بعد فوت ٿيڻ کان انڪار ڪري رھيا آهن جنهن ڪري فوتين جي موت جو سبب ڄاڻڻ لاء سڀني فوتين جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو جنهن جي رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي جڏهن ته فوتين جي وارثن پاران ميڊيا آڏو بيان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ٻئي طرف ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته شراب خانن خلاف ڪاررواين بعد شراب نه ملڻ ڪري ڳوٺاڻن زهريلو شراب واپرايو ته اهو واقعو پيش آيو.