My WordPress Blog

فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جو لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار

0

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ غيرقانون قرار ڏيڻ جو لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي بجلي پهچائيندڙ ڪمپنين کي اڄ کان ئي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ وصول ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ کي غيرقانوني قرار ڏنو هو.سپريم ڪورٽ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ خلاف ڪمپنين جو معاملو نيپرا اپيليٽ ٽربيونل کي موڪلي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيپرا ايپليٽ ٽربيونل ۾ صارف ڪمپنيون 15 ڏينهن ۾ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ خلاف اپيلون داخل ڪنديون، نيپرا اپيليٽ ٽربيونل 10 ڏينهن ۾ اپيلون مقرر ڪري.سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ اهو به چيو ته نيپرا اپيليٽ ٽربيونل جلد کان جلد قانوني مدي اندر اپيلن تي فيصلو ڪري.ڪمپنين جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته مئي 2022ع ۾ جڏهن ايف پي اي لڳايو ويو ته نيپرا جي جوڙجڪ غير آئيني هئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو جيڪڏهن نيپرا جي جوڙجڪ غيرآئيني آهي ته جج کي ان تي فيصلو ڏيڻ گهربو هو، لاهور هاءِ ڪورٽ سنگل بئنچ پنهنجي اختيار کان ٻاهر فيصلو ڏنو، جنهن کي برقرار رکڻ ممڪن ناهي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هاءِ ڪورٽ جا جج آرٽيڪل 199 پڙهڻ وساري ڇڏيندا آهن، ڇا هاءِ ڪورٽ جو جج اهو چئي سگهي ٿو ته 500 يونٽ بجلي استعمال تي بل اهو هوندو؟ جسٽس اطهر من الله چيو ته سپريم ڪورٽ سميت ڪا به عدالت نيپرا جا ٽيڪنيڪي معاملا نٿي ڏسي سگهي.قاضي فائز عيسيٰ چيو لاهور هاءِ ڪورٽ اهو فيصلو ڏنو، جنهن جي درخواستن ۾ اپيل ئي نه ڪئي وئي هئي، بهتر هوندو ته ٽيڪنيڪي معاملا نيپرا سامهون ئي اٿاريا وڃن.سپريم ڪورٽ اڄ کان بجلي پهچائيندڙ ڪمپنين کي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ وصول ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪمپنين ۽ صنعتن کان ادا ڪرڻ جوڳي رقم نيپرا اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلي سان مشروط هوندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.