ڄامشورو: (ويب ڊيسڪ) ڄامشوري ۾ پاڻي جي ٽينڪر جي ٽڪر ۾ 12 ورھين جو نينگر فوت ٿي ويو آهي.بابري مسجد وٽ پاڻي سان ڀريل ٽريڪٽر ڳوٺ عبدالله چاوڙو واسي 12 ورھين جي فيصل پٽ نياز جمالي کي ٽڪر هنيو، نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هُن دم ڏنو.نينگر جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي قھرام مچي ويو.ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر مسجد مان جمعي نماز پڙهي نڪتو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو، سندس پيءُ نياز جمالي روزگار سانگي سعودي عرب ۾ ترسيل آهي.هوڏانهن ڄامشورو پوليس ٽينڪر ڊرائيور نادر کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.