My WordPress Blog

ميرپورخاص ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت، ٻيو زخمي

0

ميرپورخاص: (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص شھر جي سيٽلائيٽ ٽائون واري علائقي ۾ گھر اندر بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 16 سالن جو نوجوان علي عباس ٿڏي تي فوت ٿي ويو.ٻئي پاسي مارڪيٽ چوڪ واري علائقي ۾ واپڊا گورمنٽ جي ٺيڪيدار وٽ ڪم ڪندڙ نوجوان طارق الحسن ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڳڻتي جوڳي حالت ھئڻ سبب کيس حيدرآباد نيو ويو آهي.ھوڏانھن نوجوان علي عباس جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ قھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ پڻ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.