My WordPress Blog

گوسڙو ڪاليجي استادن جي برطرفي جو حڪم: 20 سيڪڙوشاگردن کي درسي ڪتاب نه ملڻ جو اعتراف

0

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر درسي ڪتابن جي ڇپائي لاءِ هڪ ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيندي ڪاليجز کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ليڪچرارن جي حاضري ۽ تدريسي سرگرمين کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن ڪاليجن لاءِ  ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم تيار ڪيو وڃي، اسڪول اينڊ ڪاليج ايجوڪيشن کاتن جي گڏيل اجلاس ۾ تعليم واري سيڪريٽري شيرين ناريجو ٻڌايو ته سنڌ جي 80 سيڪڙو شاگردن کي مفت درسي ڪتاب مليا آهن. جنهن تي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انهي جو مطلب آهي ته 20 سيڪڙو شاگرد بنا درسي ڪتابن جي ِ پڙهن پيا جيڪا ڳالهه قبوليت جوڳي ناهي اجلا س کي ٻڌايو ويو ته فنڊن جي کوٽ سبب گهربل انگ ۾ ڪتاب ڇپجي نه سگهيا آهن. جنهن تي وڏي وزير ناڻي کاتي جي سيڪريٽري ناڻو ڪاظم جتوئي کي هدايت ڪئي ته اڄ شام تائين اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي هڪ ارب رپيا جاري ڪيا وڃن ته جيئن باقي 20 سيڪڙو ڪتابن جي ڇپائي لاءِ وينڊر جون بقايائون ادا ڪري سگهجن. ڪاليج ايجوڪيشن جي سيڪريٽري صدف انيس اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اهي سمورن ڪاليجن لاءِ مانيٽرنگ ۽ انسپيڪشن سسٽم تيار ڪري رهيا آهن.  اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته اڪثر ڪاليجن جا استاد نه ته ڪاليجن ۾ اچي رهيا آهن ۽ نه ئي ڪلاس وٺي رهيا آهن. هن سيڪريٽري ڪاليجز کي هدايت ڪئي ته ڪاليجن ۾ استادن جي حاضري، موجودگي ۽ تعليمي سرگرمين کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم تيار ڪيو وڃي  وڏي وزير چيو ته اڪثر ڪاليجن ۾ سائنس، رياضي ۽ انگريزي مضمونن جا استاد ناهن. ڪاليج ۾ استادن جي کوٽ کي سٺن استادن ذريعي پورو ڪيو وڃي. هن صوبائي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڊگھي عرصي کان غير حاضر ليڪچرارن جي ڊيٽا گڏ ڪري، انهن جا ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن اماڻيا وڃن ته جيئن سندن برطرفي کي يقيني بڻائي غير حاضري دوران ورتل پگهارون پڻ اوڳاڙي سگهجن.  اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي وٽ 369 ڪاليج آهن، جن مان 91 سائنس ، 45 آرٽس ۽ ڪامرس، 4 آءِ ٽي، 2 هوم اڪنامڪس ۽ فزيڪل ۽ 221 گڏيل ڪاليج آهن انهن کانسواءَ 11 ڪيڊٽ ڪاليج ۽ 5 IBA ڪميونٽي ڪاليج به کاتي وٽ آهن ڪاليجن ۾ ڪل داخلا 588331 آهي،  ڪاليجن ۾ 7111 تدريسي ۽ 6640 نان ٽيچنگ اسٽاف مقرر ٿيل آهي وڏي وزير ڪاليجز کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل، ڊائريڪٽرن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي متحرڪ ٿي ڪاليجن جي معائني جي هدايت ڪئي، هن چيو ته  ڪاليجن ۽ ٻين تعليمي ادارن جي انسپيڪشن سسٽم کي ڄاڻي واڻي ڪرپشن، نااهلي ۽ لاپرواهيءَ سان روڪيو ويو آهي پر هاڻي ان کي بحال ڪيو وڃي. هن چيو ته آئون ڪاليجن جا دورا ڪري ذاتي طور تي ڏسندس ته عمارت جي سار سنڀال ٿي رهي آهي؟ استاد پڙهائي رهيا آهن؟ ليبارٽريون ڪم ڪري رهيون آهن يا نه؟ ڪاليجن جي واش رومن جو پڻ معائنو ڪندس، ڪلاس رومز ۽ بينچن جي صفائي سٿرائي جوڳي آهي يا نه؟  سڀ ڏسندس،  وڏي وزير چيو ته هر هڪ ڪاليج ۾ غير نصابي سرگرمين لاءِ استادن جو هجڻ ضروري آهي، جڏهن ته استادن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ ڪاليج جي پرنسپال جي ذميواري آهي. تعليم واري وزير ٻڌايو ته  استادن جي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ خالصتاً ضرورت جي بنياد تي ڪئي ويندي، استادن جي کوٽ وارن  ڪاليجن ۾ نوان استاد مقرر ڪرڻ سان گڏ آن لائين ڪلاس شروع ڪرايا ويندا

Leave A Reply

Your email address will not be published.