کپرو(ويب ڊيسڪ) کپرو ۾ ٽن ٻارڙن جي ماءُ مبينا قتل، لاش گهر ٻاهران نالي مان مليو کپرو ۾ ٽن ٻارڙن جي ماءُ مبينا قتل ٿي وئي، لاش گهر ٻاهران گندي پاڻي جي نالِي ۾ پيل مليو، لاش کي پوليس پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو عورت جي ڀيڻ چيو ته ڪويتا رات جو 11 وڳي مائٽن ڏانهن وئي هئي، صبح سان روڊ تان سندس لاش مليو پوليس موجب ڪويتا کي سندس مڙس ڇڏي ڏنو هو، پيءُ جي گهر رهندي، وڌيڪ جاچ جاري آهي