ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي صدر ٿاڻي جا پوليس اهلڪار ڀتاخوري ۾ ملوث هڪ پوليس اهلڪار گرفتار ٻيو فرار .اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) ڪارروائي دوران صدر ٿاڻي جي هڪ اهلڪارکي ڀتا خوري جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو.يس ايس پي جنيد شيخ موجب ٻن پوليس اهلڪارن 9 آڪٽوبر تي رڪشا ڊرائيور کان 30 هزار رپيا ڀتو وصول ڪيو هو.ايس ايس پي ،جنيد شيخ موجب پوليس اهلڪارن خلاف واقعي جو ڪيس صدر ٿاڻي 267/23 ۾ داخل ڪيو ويو هو، پوليس موجب ايس آءِ يو پوليس ڳجهي اطلاع تي جناح اسپتال جي مرده خاني ٻاهران ڪارروائي ڪري ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار بابر زمان ولد شوڪت زمان کي رفيق شهيد روڊ وٽان گرفتار ڪري ورتو، جوابدار پنهنجي ٻئي ساٿي جو نالو عثمان ٻڌايو آهي .پوليس موجب فرار ٿي ويل جوابدار عثمان جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.