جده: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ نوازشريف 5 ڏينهن جي نجي دوري تي لنڊن کان سعودي عرب پهچي ويو آهي. پارٽي ذريعن موجب نوازشريف جي عمري ادائيگي کان پوءِ اعليٰ سعودي اختيارين، سرمائيڪارن سان ملاقاتن جو امڪان آهي. نوازشريف 17 يا 18 آڪٽوبر تي سعودي عرب کان متحده عرب امارات پهچندو جتي ان جون متحده عرب امارات جي اختيارين سان ملاقاتن جو امڪان آهي. نوازشريف قطر جو مختصر دورو به ڪري سگهي ٿو.نوازشريف قطر جي امڪاني دوري کان پوءِ دبئي پهچندو ۽ 21 آڪٽوبر تي خصوصي جهاز ذريعي پاڪستان پهچندو. ياد رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف 19 نومبر 2019 تي علاج لاءِ برطانيه ويو هو.