شڪارپور: (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل ايس ايڇ او سميت 5 پوليس اهلڪارن کي اڃان تائين پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.گذريل ڏينهن ڪچي واري علائقي ڪوٽ شاهو پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن حملو ڪري ايس ايڇ او سميت 5 پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪري ورتو هو.اهلڪارن جي بازيابي لاءِ ڪچي جي علائقي ۾ پوليس جو آپريشن جاري آهي پر اڃان تائين پوليس اهلڪارن جي بازيابي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪاميابي نه ملي سگهي آهي. ذريعن موجب ڌاڙيلن طرفان پوليس اهلڪارن جي بازيابي جي بدلي گرفتار ٿيل ڌاڙيل محرم بڊاڻي کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جنهن تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو آهي ته ڌاڙيلن جو ڪوبه مطالبو نه مڃيو ويندو. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پوليس اهلڪارن جي اغوا تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهلڪارن جي اغوا جو معاملو سنگين آهي ان ۾ ملوث ڏوهارين خلاف ايڪشن کنيو ويندو.