My WordPress Blog

روينيو رڪارڊ ۾ موجود غلط داخلائون رد ڪيون وڃن: يونس ڍاڳا

0

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سرڪاري زمينن تان غير قانوني قبضا ھٽائي رپورٽ ڏني وڃي ۽ روينيو رڪارڊ ۾  موجود غلط داخلائون رد ڪري رڪارڊ جي درستگي ڪئي وڃي . اھڙو اظهار روينيو ۽ انڊسٽريز واري نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا روينيو عملدارن، ڪمشنر حيدرآباد، حيدرآباد ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين عملدارن سان شھباز ھال ۾ گڏجاڻي دوران ڪيو. نگران وزير چيو ته سنڌ روينيو کاتو، پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي مدد سان آن لائين اي سروس شروع ڪري رھيو آھي ۽ اي سروسز سنڌ جي نالي سان ھڪ آن لائين ايپليڪيشن جاري ڪري رھيا آھيون جنھن سان عوام سيل سرٽيفڪيٽ، داخلا، ڪاغذن جون ڪاپيون آن لائين درخواست ذريعي حاصل ڪري سگھندو. ھن چيو ته ان سروس سان ڪرپشن جو خاتمو ايندو ۽ عوام کي گھربل ڪاغذ وقت سر ملي سگھندا. نگران صوبائي صوبائي وزير ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي ته مھيني اندر روينيو رڪارڊ ۾ درستگيون ڪيون وڃن ۽ شڪايت ملڻ تي ھاڻي کان غلط داخلا رکندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.