ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لوهه جي اسڪريپ جي اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي بعد اڏاوتي لوهه جي اگهه ۾ به رڪارڊ لاٿ آئي آهي. رپئي جي اگهه ۾ واڌ جي اثر هيٺ مارڪيٽ ۾ لوهه جي اگهن ۾ 50 هزار رپيا في ٽن تائين گهٽتائي آئي آهي. واپارين موجب في ٽن لوهه جو اگهه 2 لک 90 هزار مان گهٽجي 2 لک 40 رپيا ٿي ويو آهي. جيڪڏهن پيداواري لاڳت گهٽجندي ته عام واهپيدارن لاءِ به اگهن ۾ گهٽتائي ايندي ڇو ته بجلي ۽ گيس جي بلن جي ڪري خريدارين کي هيل تائين ڪو رليف ناهي مليو.