اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت پهرين آڪٽوبر کان گئس مهانگي ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي. ذريعن موجب پروٽيڪٽڊ گئس واهپيدارن لاءِ فڪسڊ ماهوار چارجز 10 رپين مان وڌائي 400 رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس 172 سيڪڙو تائين مهانگي ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته ٻين واهپيدارن لاءِ گئس جي قيمت ۾ تقريبن 200 سيڪڙو تائين واڌ جي تجويز آهي. ذريعن موجب گئس جا اگهه پهرين آڪٽوبر کان لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي.