My WordPress Blog

ميرپورخاص: 14 لک افغان پناهگير اسان جا مهمان آهن، قانوني دستاويز رکندڙ عارضي طور پاڪستان ۾ رهندا: گهرو وزير

0

ميرپورخاص: (ويب ڊيسڪ)  گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته 14 لک افغان مهاجر اسان جا مهمان آهن، ملڪ مان صرف غير قانوني آيل پرڏيهين کي ڪڍيو پيو وڃي، آءِ جي سنڌ چيو آهي ته شهيد جان محمد جا قاتل جلد گرفتار ٿيندا، ڪچي ۾ جتي ڏوهاري لڪل آهن، اتي درياءَ ۾ پاڻي آيل هو، جنهن ڪري پهچڻ ۾ مسئلو پئي ٿيو گهرو وزير  ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار ميرپورخاص پهتا، جتي هنن ڊويزنل انتظاميا سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ ڪمشنر ميرپورخاص، ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ٽنهي ضلعن جي ايس ايس پيز ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. ان بعد گهرو وزير ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر، ڊپٽي ميئر سميت ٽنهي ضلعن ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي واپارين ۽ سياسي کان سندن علائقن جي مسئلن بابت معلومات ورتي ۽ پڇا ڪئي ته ٿر اندرخودڪشين جا ڪهڙا سبب آهن، جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته پسند جون شاديون نه ٿيڻ، غربت ۽ ٻيا انيڪ مسئلا آهن، جن سبب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي گهرو وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميرپورخاص ڊويزن اندر غير مسئلن ماڻهن جي آبادي تمام گهڻي آهي، جيڪي هن ملڪ جا شهري آهن، انتظاميا کي هدايتون ڪيون ويون آهن ته ساڻن جيڪي به مسئلا آهن، اهي پڇيا وڃن ۽ کانئن پڇيو وڃي ته آخر ڇو هتان جا ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري انڊيا وڃي رهيا آهن؟ هن چيو ته سنڌ جي اترين ۾ علائقن ۾ جيڪي به اغوا ٿيل هندو هئا، انهن سمورن کي بازياب ڪرايو ويو آهي. ان موقعي تي ميرپورخاص جي سول سوسائٽي طرفان گهرو وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ميرپورخاص جي سنڌڙي تعلقي ۾ اچانڪ ڪجهه مهينن کان ڪارنهن جي الزامن هيٺ قتلن ۾ اضافو ٿيو آهي، ان جي انڪوائري ڪرائي وڃي، جنهن تي هن ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي کي هدايت ڪئي ته ان معاملي کي سنجيدگي سان ڏٺو وڃي. گهرو وزير بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ 14 لک رجسٽرڊ افغاني مهاجر آهن، جيڪي اسان جا مهمان آهن، انهن کي افغان حڪومت جڏهن گهرائيندي کين واپس موڪلينداسين ۽ جن وٽ مڪمل پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ آهن، انهن کي به ملڪ مان نه ڪڍيو ويندو، باقي هن وقت جيڪو آپريشن ڪيو پيو وڃي، اهو غير قانوني طور آيل پرڏيهين خلاف آهي، جنهن ۾ نه رڳو افغاني پر ٻين ملڪن کان آيل به شامل آهن ۽ گڏوگڏ غير ملڪي کي پناهه ڏيندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.هن چيو ته غير قانوني طور آيلن جي ڪري ملڪ ۾ تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، تازوهنگو جو واقعو ان جو هڪ مثال آهي، ڪو به مسلمان اهڙو عمل نه ٿو ڪري سگهي. گهرو وزير چيو ته ڌاڙيل خلاف جيڪو آپريشن هلي پيو، اسان پهرئين مرحلي ۾ ڪچي کان پهرين پڪي ۾ ڏوهارين کي ڏسي رهيا آهيون،  ڌاڙيلن جي سپورٽرن خلاف انٽيلجنس بيسڊ ڪارروايون ڪري رهيا آهيون، انهن ۾ اهڙا ماڻهو شامل آهن، جيڪي ڌاڙيلن جا سهولتڪار آهن، پاٿاريون هلائين ٿا ۽ ڌاڙيلن کي ٻڌائين ٿا ته ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن کي کڻڻو آهي ۽ اهي ئي ڌاڙيلن جا ڪن ۽ اکيون بڻيل آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.