جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ)جيڪب آباد ۾ جي ڊبليو سي پاران نينگري حسينا کوسو جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري شوڪت نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو.اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس نينگري جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي لاپرواهيءَ جو نوٽيس وٺي نينگري جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن.