تلهار ڀرسان روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن جو لاش روڊ تي رکي ڌرڻو، مڇريل ماڻهن گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا
تلھار:( ويب ڊيسڪ) تلهار ڀرسان راڄوخاناڻي روڊ تي گذريل رات روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل عورت ۽ معصوم ٻارڙي جي وارثن پوليس طرفان تعاون نه ڪرڻ سبب بدين حيدرآباد روڊ تي فوتين جا لاش رکي ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي. رات دير سان نامعلوم گاڏي جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر سبب 30 ورهين جي ثمينا شيخ ۽ سندس هڪ سال جو ٻارڙو سنيل شيخ موقعي تي چيپاٽجي فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته گلشير ۽ 2 ورهين جو شير زخمي ٿي پيا هئا. پوليس طرفان وارثن سان تعاون نه ڪرڻ سبب فوتي عورت جي وارثن سندن لاش بدين حيدرآباد روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي فوتي عورت ۽ نينگر جي وارثن چيو ته تلهار پوليس اسان سان ڪوبه تعاون ڪرڻ لا۽ تيار ناهي جنهن سبب مجبور ٿي فوتين جا لاش بدين حيدرآباد روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو آهي. مظاهرين پاران هنيل ڌرڻي سبب ٽرئفڪ معطل ٿي ويئي مڇريل ماڻھن گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. ان موقعي تي فوتي عورت جي وارثن چيو ته اسان جي نياڻي ۽هڪ سالا ٻارڙي کي ٽڪر هڻي ماريو ويو تلهار پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي اسان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري طور تي حادثي ۾ ملوث جوابدار گرفتارڪيا وڃن. جڏهن ته ڌرڻي سبب بدين، حيدرآباد، ڪراچي، مٺي، ٽنڊوباگو ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.