لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته نواز شريف جي واپسي تي گرفتاري جو ڪو چانس ناهي.نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ اسحاق ڊار چيو ته نواز شريف اربع جي ڏينهن سعودي عرب پهچندو، جتي هو عمرو ادا ڪندو ۽ مديني شريف ويندو، نواز شريف 21 هين آڪٽوبر تي پاڪستان پهچندو.هن چيو ته نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي سندس گرفتاري جو ڪو چانس ناهي، واپسي تي هو پروٽيڪٽڊ ڪسٽڊي ۽ ٽرانزٽ ضمانت وٺندو.اسحاق ڊار ٻڌايو ته ايندڙ چونڊن ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ معيشت جي بحالي بهترين انتقام ن ليگ جو بيانيو هوندو.هن وڌيڪ چيو ته پروجيڪٽ عمران جي ڪردارن بابت سچائي ڪميشن اسان جي ايجنڊا ۾ شامل آهي پر ڪو اهڙو قدم نٿا کڻڻ چاهيون جنهن سان انتقام جي بوءِ اچي، سچائي ڪيمشن 2011 کان پروجيڪٽ عمران جي ڪردارن جون حقيقتون سامهون آڻيندي.