My WordPress Blog

ايٽمي طاقت باوجود اسمگلنگ روڪي نه پئي سگهياسين، سول بالادستي لاءِ صلاحيت به هئڻ گهرجي: نگران وزيراعظم

0

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي بهتانن جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي، فرانس ۾ منهنجو جهاز منهنجي خاندان کي ماني کارائڻ لاءِ نه رڪيو هو بلڪه يورپ ۾  سفر دوران 8 ڪلاڪن کانپوءِ جهاز جي ري فيولنگ ڪرڻي پوندي آهي ان ڪري جهاز تيل ڀرڻ لاءِ اتي بيٺو هو، بيٺڪ کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته سوشل ميڊيا تي منهنجا ٻه پٽ بڻايا ويا، هڪ کي ته بلوچستان ۾ وزير به بڻايو ويو، فلسطين ۾ ظالم ۽ مظلوم جي جنگ آهي، فلسطين جي باري ۾ اسان جي پاليسي پهرين ڏينهن کان واضح آهي، وچ اوڀر ۾ امن جو قيام ٻه رياستي حل ۾ آهي، نگران وزيراعظم جو عهدو ڇڏڻ بعد سياسي ڪردار جاري رکندس. وزيراعظم چيو ته رياست نه ئي معاشري کي ڪوڙيون اميدون نه رکڻ گهرجن، بجلي بلن جي حوالي سان اسان ڪنهن کي به ڪوڙي اميد نه ڏياري، مون کي هڪ ميڊيا هائوس جي ويب سائيٽ  تي بي حس قرار ڏنو ويو، سول وار جو تاثر ڏنو ويو،ماضي ۾ آءِ پي پيز سان سياسي بنيادن تي معاهدا ڪيا ويا، گردشي قرضن، ڪيپسٽي چارجز جي معاملي تي ميڊيا ان معاملي تي تحقيقاتي جرنلزم ڪري،بجلي بقايائن جي مد ۾ اسان 18 ارب رپين جي ريڪوري ڪئي آهي، ان کان اڳ اهي اوڳاڙيون ڇو نه ڪيون ويون؟.هن چيو ته غريب طبقو ان خراب گورننس سبب ڳرا بل  ڀري رهيو آهي، پاڪستان ۾ اشرافيه جو هڪ اهڙو طبقو به آهي جيڪو توهان بجلي يونٽ 67 کان 167 ڪري ڇڏيو تڏهن به اهو بل ڀريندو،جيڪي انتظامي قدم سول حڪومت جي ذميواري آهن گهٽ ۾ گهٽ اهي ته کڻڻ گهرجن، صوبن جي حوالي سان رهتون نه پيون ملن، گردشي قرضن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته  پاڪستان جي  ڊجيٽل  اسپيس، فزيڪل اسپيس، سوشل اسپيس محفوظ ناهي، اسان نيوڪليئر رياست آهيون پر اها پنهنجا بارڊر محفوظ نٿي رکي سگهي، اتان ريشمي ڪپڙو، هيروئن،هٿيار سميت جنهن کي وڻي ٿو اها شئي کڻي اچي ٿو ۽ ڪا پڇا ڳاڇاناهي، ان کي روڪڻ لاءِ ڇا آئين ۾ 22هين ترميم گهربل هئي، ڇا سول بالادستي جي تحريڪ هلائڻي هئي، اسان وٽ مفاد پرست گروپ لڪيل آهن، اهي سياست ۾ اچي پنهنجي حق ۾ فيصلا ڪرائن ٿا. هن چيو ته  چونڊن بابت فضل الرحمان جي راءِ اهم آهي، هن جي راءِ جي اهميت آهي، اسان موسميات کاتي سان نه اليڪشن ڪميشن جي مشاورت سان فيصلو ڪرڻو آهي، ڪاش ميثاق معيشت ٿي وڃي، سول بالادستي لاءِ توهان وٽ صلاحيت به هئڻ گهرجي، توهان ادارن کي فتح نٿا ڪري سگهو، قيادت ڪرڻ لاءِ توهان وٽ ويزن، انٽرگٽي هئڻ گهرجي، اهو ٿي نه پيو سگهي. نگران وزيراعظم چيو ته هتي تاثر عام آهي ته دفاعي خرچن جي ڪري ملڪ ۾ تباهي آيل آهي، پوري خطي ۾ اسان وٽ گهٽ دفاعي خرچ آهن،معاشي دهشتگردي بابت سوال اسان کي سياسي جماعتن کان ڪرڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن کي غدار ڪوٺڻ وارو سلسلو هاڻي گهٽجندو پيو وڃي،هتي 11 سيڪڙو ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا، هاڻي سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو،هن چيو ته اسان پناهگيرن کي نه غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي رهيا آهيون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.