اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي ترقي جي شرح ۾ بهتري جا امڪان آهن، پاڪستانين لاءِ مهانگائي جي شرح 23 سيڪڙو کان وڌيڪ رهندي. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستانين لاءِ مهانگائي جي شرح 23 سيڪڙو کان وڌيڪ رهندي. آءِ ايم ايف رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي ترقي جي شرح ۾ بهتري جا امڪان آهن، پاڪستان ۾ معاشي ترقي 2022 ۾ 6 سيڪڙو ۽ 2023 ۾ ڪاٽو 0.5 سيڪڙو هئي، جڏهن ته هن سال 2.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. موجوده مالي سال مهانگائي جي شرح 23.6 سيڪڙو رهندي، سال 2028 تائين جي ڊي پي گروٿ 5 سيڪڙو تائين وڃڻ جو ڪاٿو هنيو ويو آهي، هن سال بيروزگاري گهٽجي 8 سيڪڙو تي اچڻ جو امڪان آهي، گذريل مالي سال بيروزگاري جي شرح 8.5 سيڪڙو هئي. هن سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو 1.8 سيڪڙو رهندو، ڇو ته عالمي سطح تي ڪورونا وبا ۽ روس يوڪرين جنگ جا اثر برقرار آهن.