ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ لفٽون لڳائڻ واري معاملي ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي اڳوڻي ايگزيڪيوٽو انجنيئر تنوير ڪلوڙ ۽ چيف انجنيئر صوبائي بلدنگ ڊويزن مقصود ميمڻ 22 ڪروڙ جاري ڪري ڇڏيا آهن
سنڌ سيڪريٽريٽ جي نيو بلڊنگ، تغلق هائوس، بلدنگ نمبر 6 ۽ اولڊ ڪي ڊي اي بلڊنگ ۾ 12 لفٽون لڳائڻ لاءِ هڪ ئي ٺيڪيدار کي نوازيو ويو
پاڪستان سول اينڊ اليڪٽرڪ ورڪس نالي گورنمينٽ ڪانٽريڪٽر کي لفٽون گهرائڻ کان اڳ ئي ٻن قسطن ۾ رقم جاري ڪئي وئي
ڪانٽريڪٽر کي رقم جاري ٿي وئي پر 12 نئين لفٽن مان هن وقت تائين رڳو 2 لفٽون لڳايون ويون، جڏهن ته غيرقانوني طور تي رقم جاري ڪندڙ ايگزيڪيوٽو انجنيئر تنوير ڪلوڙ ترقي ماڻي ڪراچي سرڪل ۾ سپريٽنڊنٽس انجنيئر ٿي ويو
ٽائيم نيوز جي رپورٽ موجب لفٽن جي خريداري واري معاملي ۾ رقم جاري ڪندڙ صوبائي بلدنگس ڊويزن 2جو چيف انجنيئر مقصود ميمڻ به اڄ رٽائرڊ ٿي ويندو، نيو سنڌ سيڪريٽريٽ بلڊنگ ون ۾ 3 لفٽن جي خريداري کان اڳ ٺيڪيدار کي 9ڪروڙ 42 لک روپيا جاري ڪيا ويا
نيو سيڪريٽريٽ ۾ چيف سيڪريٽري جي استعمال سميت 3 لفٽون هلڻ جي قابل نه هجڻ باوجود اڃا استعمال هيٺ آهن، جن لاءِ رقم پڻ جاري ٿي چڪي آهي
ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي اڄ رٽائرڊ ٿيندڙ چيف سيڪريٽري مقصود ميمڻ کي ميگا اسڪينڊل باوجود ڪلين چِٽ ملڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي
نيو سنڌ سيڪريٽريٽ بلڊنگ ون ۾ 3 لفٽن جي خريداري کان اڳ ئي ٺيڪيدار کي 9ڪروڙ 42 لک روپيا جاري ڪيا ويا، لفٽون تبديل نه ٿيڻ واري معاملي تي چيف سيڪريٽري انڪوائري به ڪري رهيو آهي
ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي چيف انجنيئر رٽائرڊمينٽ سبب تفصيل به چيف سيڪريٽري حوالي نه ڪيا، چيف سيڪريٽري پاران ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري نواز سوهو ۽ چيف انجنيئر مقصود ميمڻ کي خط لکي تفصيل گهرايا ويا هئا