My WordPress Blog

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان آزادي کانپوءِ ٻيهر گرفتار

0

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ علي محمد خان کي آزادي کانپوءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.  خيبر پختونخواهه جي اينٽي ڪرپشن کاتي موجب علي محمد خان خلاف ڪرپشن جو هڪ ٻيو ڪيس داخل آهي.  اينٽي ڪرپشن کاتي جو چوڻ آهي ته علي محمد خان خلاف مختلف ٺيڪن ۾ خرد برد جو الزام آهي.  اڄ ئي پشاور جي اينٽي ڪرپشن عدالت اڳوڻي مملڪتي وزير علي محمد خان جي ضمانت منظور ڪئي هئي.  عدالت علي محمد خان کي 80 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، مٿس غير قانوني ڀرتين ۽ ناڻي کي 23 لک رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.  پي ٽي آءِ اڳواڻ جڊيشل رمانڊ تي مردان جيل ۾ قيد هو.  واضح رهي ته 9 جون تي علي محمد خان کي مردان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان آزادي کانپوءِ اينٽي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.