نومبر ۾ چونڊون، نواز شريف صدر، بلاول يا آصف زرداري وزيراعظم !
دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سياست جو مرڪز لنڊن کان دبئي منتقل ٿيڻ بعد سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. اتحادي حڪومت ۾ شامل مکيه پارٽين جا سربراهه دبئي پهتل آهن، خاص طور ملڪي سياست جو هن وقت وڏو بادشاهه گر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري به دبئي پهچي چڪا آهن، جڏهن ته آرمي چيف به دبئي ۾ موجود آهي. سياسي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب جي شاهي خاندانن کان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري بابت ڳالهيون ڪندو. ان لاءِ ٻنهي ملڪن کي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ضمانت گهربل هوندي ان ڪري اسٽيبلسمينٽ سربراهه به ويل آهي. ان دوران آصف زرداري ۽ نواز شريف نگران حڪومت، عام چونڊن جي تاريخ ۽ مستقبل ۾ ڪهڙي طرز جي حڪومت هجي ان بابت به صلاح مشورا ڪيا ويندا. بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز به صلاح مشورن ۾ شامل هوندا. مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين اتحادين سان به وڊيو لنڪ تي رابطو ڪيو ويندو. جڏهن ته جن معاملن تي اتفاق ڪيو ويندو انهن بابت حتمي فيصلو اڳواڻ وطن پهچي اتحادين جو اجلاس سڏائي ان ۾ ڪندا. نگران وزيراعظم لاءِ اڳ ميان عامر، گوهر اعجاز ۽ محسن بيگ جا نالا گردش ۾ هئا پر 9 مئي واقعن ۾ ملوث ميان اسلم اقبال کي پناهه ڏيڻ کانپوءِ ميان عامر جو نالو پٺتي رهجي ويو آهي، (ن) ليگ شايد نجم سيٺي جو نالو تجويز ڪندي. محسن بيگ اسٽيبلشمينٽ جي گهڻو ويجهو آهي.جڏهن ته گوهر اعجاز پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جو ڪاروباري حصيدار ۽ دوست آهي، اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته آصف زرداري چاهي ٿو ته محسن نقوي کي نگران وزيراعظم ڪجي ۽ پنجاب ۾ محسن بيگ يا گوهر اعجاز کي نگران وڏو وزير ڪجي. ان کان علاوه مستقبل ۾ صدر ڪير هوندو، وزيراعظم ڪير هوندو، ان بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا. سياسي حلقن ۾ اهو چئو ٻول آهي ته آصف علي زرداري چاهي ٿو ته بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ڪيو وڃي. نواز شريف ملڪ جو صدر بڻجي وڃي، جيڪڏهن نواز شريف يا اسٽيبلشمينٽ بلاول ڀٽو زرداري تي اتفاق نه ڪيو ته پوءِ اهو به ممڪن آهي ته آصف زرداري پاڻ وزيراعظم ٿي وڃي ۽ نواز شريف صدر ٿي وڃي ۽ مولانا فضل الرحمان کي سينيٽ چيئرمين جو عهدو ڏنو وڃي. چوندن بابت به سوچيو پيو وڃي ته 8 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙيون وڃن ۽ نومبر ۾ چونڊون ڪرايون وڃن، پر (ن) ليگ جو شرط آهي ته نواز شريف جو جولاءِ يا آگسٽ ۾ وطن ورڻ جو رستو صاف ڪيو وڃي ته پوءِ چونڊون ڀلي نومبر ۾ ڪرايون وڃن. ان لاءِ (ن) ليگ اعظم نذير تارڙ جي اڳواڻيءَ ۾ قانوني ٽيم به جوڙي ڇڏي آهي، پارليامينٽ مان به نااهلي صرف 5 سال هجڻ جو بل منظور ڪرائي ورتو آهي.باقي قانوني رڪاوٽون به ختم ڪرڻ لاءِ قانوني ٽيم سرگرم آهي. دبئي اصل ۾ لنڊن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان کي گهڻو ويجهي آهي ان ڪري اهم فيصلن لاءِ اتي مرڪز منتقل ڪيو ويو آهي. اهو به ممڪن آهي ته مولانا فضل الرحمان به اهم مشاورت لاءِ دبئي پهچي وڃي. ٻئي پاسي دبئي ۾ پ پ ۽ ن ليگ جي اعليٰ قيادت وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب پ پ ن ليگ کان پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ سيٽون گهري ورتيون آهن. گيلاني خاندان، راجا پرويز اشرف، قمر زمان ڪائرا ۽ نديم افضل چن سميت ڪجهه ٻين تڪن ۾ ن ليگ اميدوار نه بيهاريندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف به لنڊن کان دبئي پهچندو ۽ اڳتي ٿيندڙ ملاقاتن ۾ موجود هوندو، دبئي ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو نالو به فائنل ڪيو ويندو. ذريعن موجب ٻئي جماعتون چونڊن جي تاريخ به ان ئي ملاقات دوران فائنل ڪنديون، جڏهن ته اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ جي معاملي تي به غور ڪيو ويندو، اسيمبلي وقت کان اڳ ٽوڙڻ سان سياسي جماعتن کي چونڊ مهم لاءِ وقت ملي سگهندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ جا ڪجهه مرڪزي اڳواڻ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دبئي ويندا، استحڪام پاڪستان ۽ ق ليگ کي ڪيترين سيٽن تي ايڊجسٽ ڪرڻو آهي، ان تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دبئي ۾ ملاقات ڪئي آهي. مريم نواز گذريل ڏينهن خاص گڏجاڻين ۾ پ پ قيادت کي اعتماد ۾ ورتو، پ پ ۽ ن ليگ قيادت وچ ۾ اڄ رات به ملاقات جو امڪان آهي. تجزئي نگار حامد مير چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا سهولتڪارن ۽ سپريم ڪورٽ تي ڀاڙي رهيا آهن،کين پڪ آهي ته اهي کين بچائي وٺندا، مون کي لڳي ٿو ته اها خطرناڪ راند آهي ان ۾ سمورا تفصيل شيئر نٿو ڪري سگهان، چيو پيو وڃي ته 9 مئي سانحي جي سهولتڪارن کي به نه ڇڏينداسين، سهولتڪار ڪير آهن، سهولتڪارچاهين ٿا ته انهن خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس نه هلن. هن چيو ته منهنجو موقف آهي ته سويلين ڪورٽ ۾ ٽرائل ٿيڻ گهرجي،اڳيان سوال اٿي ته ڇا اهڙا ڪيس سويلين ڪورٽن ۾ منطقي انجام تي پهچندا، ان سوال جو جواب اسان وٽ ناهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي لاءِ مصيبت کي دعوت ڏني، هو مقبوليت جي گهوڙي تي سوار ٿيو، هر ايندڙ کي لتاڙيو، صورتحال ڪنهن ٻئي طرف وڃي رهي آهي. دبئي ملاقاتن بابت هن چيو ته منهنجي ڪجهه اڳواڻن سان ملاقات ٿي، دبئي ۾ ڇا کاڌو اهي کلڻ شروع ٿي ويا، سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي به ترديد ٿي آهي. پنجاب ۾ اليڪشن وڙهڻ جن لاءِ مشڪل آهي اهي اهڙيون خبرون فيڊ ڪرائي رهيا آهن، سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي ڳالهه تڏهن ٿيندي جڏهن اهو طئي ٿيندو ته ايندڙ وزيراعظم ڪير ٿيندو. اسيمبلي ڪڏهن ٽٽندي، هڪ سينئر اڳواڻ بابت خبر هلي ته رات جي ماني کاڌي، ان اڳواڻ ٻڌايو ته منهنجي ماني هن وٽ ناهي، اسان گڏ کاڌو نٿا کائي سگهون، باقي چانهه، دبئي ملاقات جي ايجنڊا پاڪستان ۾ اختلاف ڪليئر ڪرڻ جي ضرورت آهي. نوازشريف به ڪليئر نه آهي ته 2023 ع ۾ اليڪشن ٿيندي يا نه، سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي خبر غلط آهي، سلام دعا شروع ٿي آهي. تفصيلي ملاقاتون بعد ۾ ٿينديون،وڏين پارٽين گهڻا معاملا ” اصل ڌرين “ جي حق ۾ ڇڏيا آهن، اهي کين ٻڌائيندا ته قومي اليڪشن ڪڏهن ٿيندي، پنجاب ۾ نگران حڪومت چونڊون نه ڪرايون، نگران حڪومت ٿي سگهي ٿو ته 6 مهينن کانپوءِ چونڊون ڪرائي