ملڪ رياض جو گهيرو تنگ، ڪارروائي جو امڪان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي سان گڏ ملڪ رياض جو به گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي. نامياري صحافي مبشر لقمان جو چوڻ آهي ته نيب مسلسل ملڪ رياض کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري رهي آهي پر ملڪ رياض نيب آڏو پيش ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي. ان ڪري ڪنهن به وقت ملڪ رياض خلاف وڏي ڪارروائي جا امڪان آهن. ملڪ رياض مسلسل هڪ اهم سياستدان سان ملاقاتون ڪري ڪيس مان آجو ڪرائڻ لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي پر کيس هاڪاري موٽ نه ملي رهي آهي. ڇو ته اسٽيبلشمينٽ کي به قومي دولت فراڊ ذريعي ڦٻائڻ سبب ملڪ رياض تي سخت ڪاوڙ آهي. ان جو اظهار فوجي ترجمان به پريس ڪانفرنس ۾ نالو وٺڻ بنا سخت ڪارروائي جي ڳالهه ڪئي ته ڪير ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي قانوني ڪارروائي کان بچي نه سگهندو.