سڄي سنڌ ۾ قلم 144 لاڳو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ تي صوبي ۾ 3 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو. صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل حڪم نامي موجب صوبي ۾ 3 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. حڪم نامي موجب سنڌ ۾ ڪمشنر ۽ دپٽي ڪمشنر جي اجازت بنا کلون گڏ نه ڪري سگهبيون، زبردستي کلون گڏ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گاڏين ۽ عمارتن تي جهنڊن ۽ لائوڊ اسپيڪر جو استعمال به منع آهي، هٿيار کڻي هلڻ تي به پابندي هوندي، لائسنس يافته هٿيار کڻي هلڻ جا اجازت ناما معطل رهندا. لاڳاپيل کاتن کي قلم 144 تي عملدرآمد لاءِ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي.