My WordPress Blog

سپر ٽيڪس خلاف درخواستن تي عدالت جو وڏو فيصلو سامهون اچي ويو

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جو سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف داخل درخواستن جي حوالي سان وڏو فيصلو سامهون اچي ويو، عدالت سپر ٽيڪس سال 2022 کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.  حڪومت طرفان 2022 ۾ لاڳو ڪيل سپر ٽيڪس کانپوءِ 350 کان وڌيڪ درخواستگذارن ان ٽيڪس خلاف عدالت سان رابطو ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن 12 اپريل 2023 تي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو.  جسٽس جواد حسن فيصلي ۾ سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کي درست قرار ڏنو پر عدالت بئنڪنگ سميت 16 سيڪٽرن تي سپر ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو مان گهٽائي 4 سيڪڙو ڪري ڇڏي. درخواستگذارن جي عدالت سان رابطو ڪرڻ تي وفاقي ۽ ايف بي آر وڪيلن مخالفت ڪئي هئي.  درخواستگذارن جو موقف هو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس4C  تحت فنانس ايڪٽ 2022 ۾ سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، سپر ٽيڪس سال 2022 تي لاڳو نٿو ٿي سگهي، ٽيڪس گذريل مدي تي لاڳو نٿو ٿي سگهي، اهو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ غير قانوني عمل آهي، اپيل آهي ته سپر ٽيڪس کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. واضح رهي ته گذريل سال جيان ڪجهه ڏينهن اڳ سال 2023 لاءِ به حڪومت سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.