سيپٽمبر ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ سميت 5 اهم جنرل رٽائر ٿي ويندا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ملڪي سياست ۾ سيپٽمبر جو مهينو ستم گر مهيني جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي، ڇاڪاڻ ته چيف جسٽس رٽائر ٿي رهيو آهي، صدر علوي جو مدو پورو ٿي ويندو. ان کان به اهم معاملو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جا 5 اهم جنرل به رٽائر ٿي رهيا آهن. نامياري تجزئي نگار افتخار ڪاظمي جو چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم جو ملازمت مدو پورو ٿي رهيو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته ان کي ملازمت مدي ۾ واڌ ڏني وڃي ٿي يا نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته جنرل نديم انجم عمران خان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائڻ کان وٺي 9 مئي واقعن تائين جي صورتحال بابت باخبر آهي. ان ڪري اهو امڪان آهي ته جنرل نديم انجم کي ملازمت مدي ۾ 6 مهينن کان سال جي واڌ ڏني وڃي، جيئن 9 مئي واقعن جي جاچ مڪمل ڪري جوابدارن کي سزائون ڏياريون وڃن. ساڳي طرح جنرل چراغ حيدر به رٽائر ٿي رهيو آهي، ساڳي طرح گجرانوالا جو ڪورڪمانڊر جنرل عامر، جنرل سعيد ۽ جنرل خالد ضيا به رٽائر ٿي رهيا آهن. نظر اهو ٿو اچي ته جنرل نديم انجم کي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ چونڊن تائين عهدي تي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا.