My WordPress Blog

سنڌ ۾ 65 سيڪڙو پاڻي کوٽ جو اعتراف، ارسا پاڻي بند ڪندي ته ڇا قبول ڪنداسين؟:ڄام شورو

0

حيدرآباد( ويب ڊيسڪ)  سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ارسا ۾ اڪثريت جي بنياد تي صوبن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي، اسان جو مطالبو آهي ته ارسا پنهنجو ڪم ڪري. ارسا کي هڪ باڊي بڻايو ويوآهي جنهن جو مقصد آهي ته 1991 جي پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائيندي. جيڪڏهن ارسا اڪثريت جي بنياد تي سنڌ جو پاڻي بند ڪندو ته ڇا اسان قبول ڪنداسين؟ سيڊا آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين شڪل اختيار ڪري وئي آهي.   گڊو بئراج تي هڪ لک 80 هزار ڪيوسڪ ملڻ کپي جيڪو نه پيو ڏنو وڃي. هن چيو ته مون پاڻي ٺاهه موجب سنڌ کي پاڻي نه ملڻ  بابت خدشن جو اظهار ڪندي وفاق کي  خط لکيو هو. پاڻي جي موجوده صورتحال مطابق پاڻي ٺاهه جي حساب سان سنڌ کي برابري جي  بنياد تي پاڻي ڏنو وڃي. صوبائي وزير چيو ته ڪوٽڙي بئراج جي مختلف واهن ۾ 30 کان 35 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، مجموعي طور 60 کان 65 سيڪڙو  پاڻي جي کوٽ آهي، وفاق آڏو اسان احتجاج ڪيو آهي،بدين، ٺٽي، سجاول، ٽنڊو محمد خان ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. صوبائي وزير چيو ته ڄاڻايل ضلعن ۾ سارين جي پوکي ٿيندي آهي، پاڻي کوٽ سبب ساريالو فصل متاثر ٿي سگهي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.