My WordPress Blog

الله جو حڪم آهي ته سمورا مسلمان متحد ٿي رهن: حج جو خطبو

0

مڪو پاڪ (ويب ڊيسڪ) شيخ يوسف بن محمد سعيد حج جي خطبي ۾ چيو آهي ته الله پاڪ مسلمانن کي متحد ٿي رهڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ فرقيواريت کان منع فرمايو آهي، سڀني مسلمانن کي گهرجي ته اهي متحد ٿي وڃن.  عرفه جي نمره مسجد مان حج جو خطبو ڏيندي شيخ يوسف بن محمد چيو ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن، جنهن گڏجي ويهڻ نجات بڻايو ۽ جدا ٿيڻ عذاب آهي، الله جُڙي رهڻ جو حڪم ڏنو ۽ هر ان شئي کان منع ڪيو آهي، جيڪا فرق پيدا ڪري، اهو ئي اميدن جو مرڪز آهي ۽ اسان ان کان ئي ڊڄندا آهيون، خدا رحمٰن ۽ رحيم آهي ۽ مان گواهي ٿو ڏيان ته پاڻ سڳورا صه جن الله جا رسول آهن، جن سڀني کي گڏجي رهڻ ۽ سهڪار جو حڪم ڏنو ۽ فرق ڪرڻ کان منع فرمايو.  هن چيو ته الله پنهنجي رسول ذريعي دلين کي جوڙيو ۽ ماڻهن جي احوال کي درست ڪيو، هر نبي اچي اها ئي دعوت ڏني ته الله جي بندگي ڪيو، الله هڪ آهي ۽ رڳو ان جي ئي عبادت ڪئي وڃي، نماز، روزي، زڪوات ۽ بيت الله جي حج جو الله حڪم ڏنو آهي، الله پاڪستان نبي کي موڪلي انسانيت جي اصلاح فرمائي، الله جي وحدانيت ۽ پاڻ سڳورن صه جن جي رسالت جي گواهي ڏيڻ ئي اسلام آهي.  سندس چوڻ هو ته اتحاد ۾ دين ۽ دنيا جي معاملن ۾ ڀلائي آهي، مسلمانن کي پاڻ ۾ گڏجي رهڻو پوندو، حڪم آهي ته اختلاف هجي ته قرآن ۽ سنت سان رجوع ڪيو، ڪنهن عربي کي عجمي، ڪنهن گوري کي ڪاري تي فضيلت حاصل ناهي، پاڻ سڳورن صه جن فرمايو ته جيڪڏهن ڪير ڪنهن کان مٿي آهي ته رڳو تقويٰ جي بنياد تي، سٺي اخلاق سان دلين ۾ جاءِ پيدا ٿيندي آهي، تنهن ڪري مسلمانو تقويٰ اختيار ڪيو، الله کان ڊڄو ۽ اصلاح جي ڪوشش ڪيو، شرڪ نه ڪيو ۽ والدين سان سٺو ورتاءُ ڪيو، الله والدين، زال مڙس ۽ ٻارن جي حقن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي.  شيخ يوسف بن محمد سعيد چيو ته اسان جا سمورا معاملا قيامت واري ڏينهن پيش ٿيندا، مسلمان ڏوهه ۾ سهڪار نه ڪن ۽ چڱائي ۾ مدد ڪن، شيطان انسانن وچ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري ٿو، سمورا مسلمان هڪ جسم جيان آهن، حج جي اجتماع جو پيغام آهي ته مسلمان پاڻ ۾ گڏجي رهن.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.