پي ٽي آءِ صدر چوڌري پرويز الاهي هڪ ڀيرو وري گرفتار
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي ئي هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي چوڌري پرويز الاهي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ گرفتار ڪيو آهي، کيس مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ايف آءِ اي اينٽي مني لانڊرنگ ٽيم چوڌري پرويز الاهي جي گن مين محمد زمان کي به گرفتار ڪيو هو، جنهن جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدار جو چئن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي. .