My WordPress Blog

ٽنڊي حيدر ۾ مقتول نياڻي سان زيادتي جو انڪشاف،چار ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿيا

0

ٽنڊو حيدر(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ڀرسان ٽنڊو حيدر ويجھو شيخ ڀرڪيو واري علائقي ۾ 13 ورھين جي معصوم نياڻي نشاءَ ڪولھي جي قتل بعد سندس لاش وڻ ۾ ٽنگيل حالت ۾ ھٿ اچڻ واري معاملي  جي ابتدائي رپورٽ ۾ نياڻي سان جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف ٿيو آھي، معصوم نياڻي کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندڙ انسان جي روپ ۾ حيوان ٿي گھمندڙ جوابدار 4 ڏينھن گذرڻ باوجود اڃا تائين پوليس جي پڪڙ کان آجا آھن، انسانيت جو ڪنڌ جھڪائڻ واري ھن واقعي بعد پوليس تحرڪ ۾ آئي آھي ۽ وارثن سان ملاقاتون ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آھي، گذريل ڏينھن ايس ايس پي حيدرآباد، اي ايس پي ڪينٽ جي سربراھي ۾ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي ھئي. نينگري نشاءَ ڪولهي ڌيءُ والجي ڪولهي گذريل خميس جي ڏينهن صبح جو انبن باغ ۾ گاھه ڪرڻ جي لاءِ وئي هئي، پر گھڻي دير گذرڻ باوجود ھو گھر واپس نھ آئي، جنھن بعد وارثن سندس ڳولا شروع ڪري ڏني ۽ ڪجھھ دير کانپوءِ سندس لاش انبن جي باغ ۾ ھڪ وڻ سان ٽنگيل حالت ۾ ھٿ آيو، نينگري جي موت جي ابتدائي رپورٽ ۾ اھو انڪشاف ٿيو آھي تھ وحشي جوابدارن نينگري کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد کيس قتل ڪري ڳچيءَ ۾ رسو وجھي لاش وڻ سان ٽنگي ڇڏيو، گذريل ڏينھن ايس ايس پي حيدرآباد ساجد امير سدوزئي ايس ايس پي ڪينٽ علينا راڄپر جي سربراھي ۾  جاچ ڪميٽي قائم ڪئي، جنھن ۾ ايس ڊي پي او هوسڙي فدا حسين لغاري، انچارج سي آئي اي انسپيڪٽر منير عباسي، ايس ايڇ او پٻڻ  ڪاشف خان يوسفزئي ۽ ايس ايڇ او وومين ٿاڻو ليڊيز ايس آئي پي بختاور زرداري ۾ شامل آھي، جن وارثن سان ملاقات ڪري واقعي جا تفصيل پڻ معصوم ڪيا آھن. ايس ايس پي حيدرآباد پاران جوڙيل جاچ ٽيم نشا ڪولهڻ واري واقعي جي گهڻ رخي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪيس ۾ نامزد ۽ ٻين شڪي ماڻهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس پاران قاتلن جي ويجهو پهچڻ جي  دعويٰ ڪئي وئي آهي. جاچ ٽيم جي سربراهه اي ايس پي علينا راڄپر گذريل ڏينھن ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي اھا دعويٰ پڻ ڪئي ھئي تھ نشا ڪولھي واري واقعي ۾ شڪي ماڻھن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا، پر ھي خبر رپورٽ ڪرڻ تائين جوابدارن جي گرفتاري بابت ڪا اڳڀرائي نھ ٿي ھئي.  ڪراچي(پ ر) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ جي خصوصي هدايتن تي شيخ ڀرڪيو ويجهو پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راول  شرجيل انعام ميمڻ ۽ اي ايس پي علينه راجپر مبينه زيادتي بعد قتل ٿيل معصوم نينگري نشا ڪولهي جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي پي ايس 63 جي اڳواڻ راول شرجيل ميمڻ چيو ته صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ پاران ايس ايس پي حيدرآباد کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت سزا ڏياري وڃي. هن چيو ته هي واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي جنهن جي جيتري به مزمت ڪجي اها گهٽ آهي. هتي جاري ڪيل بيان مطابق راول شرجيل سنڌ پوليس کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي جڏهن ته صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ جي هدايت تي متاثر خاندان جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. ان موقعي تي اي ايس پي علينه راڄپر چيو معصوم نياڻي جي قتل واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ لاءِ پوليس پنهنجو ڀر پور ڪردار ادا ڪندي. ٽنڊوحيدر: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھھ اياز لطيف پليجي جي ھدايت تي سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي  وفد زينت سمون، الطاف خاصخيلي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، خادم سمون، نصرت خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ شيخ ڀرڪيو ڀرسان لڄالٽ بعد ڦاھو ڏئي قتل ڪيل نياڻي نشا ڪولھي جي وارثن پيءُ والجي ڪولھي ۽ ماءُ سيما ڪولھي ۽ ٻين عزيزن وٽ تڏي تي پھچي انصاف لاءِ مڪمل قانوني ۽ سياسي مدد جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون چيو ته جيڪڏھن نياڻين ۽ معصوم ٻارڙن جي قتل وارن ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزائون اچن ھا ته معصوم نشاءَ ڪولھي سان ڏاڍائي نھ ٿئي ھا، سنڌ ۾ انصاف بدران جرڳائي نظام قائم آھي. الطاف خاصخيلي چيو ته سنڌ کي نياڻين ۽ معصوم ٻارن جي لاءِ مقتل گاھ بڻايو ويو آھي، ڏوھاري وڏيرن ۽ سردارن وٽ فيصلن کانپوءِ قتل ڪيسن مان آجا ٿي وڃن ٿا، جنھن ڪري معصوم نشاءَ ڪولھي جھڙيون نياڻيون محفوظ ناھن ۽ اھي قتل ٿي رھيون آھن، نشا ڪولھي جي جوابدارن جي ڊي اين اي ڪري اصل قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ وارثن جي تحفظ ڏنو وڃي، جيڪڏھن پوليس معصوم نياڻي جو ڪيس خراب ڪرڻ ۽ قاتلن جي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته معصوم نياڻي نشاءَ ڪولھي جو قتل ظلم ۽ بربريت آھي، حڪمرانن جا به معصوم ٻار آھن، حڪمرانن کي سنڌ ۾ روزانو قتل ٿيندڙ نياڻين ۾ پنھنجون نياڻيون ڏسڻ گھرجن، سنڌ ۾ اقليتن، ھارين، مزدورن ۽ غريبن جون عزتون ۽ زندگيون محفوظ ناھن، نياڻيون ۽ ٻارڙا اغوا ڪري لڄالٽ بعد قتل ڪيا وڃن ٿا، ظلم ۽ درندگي جي ھن نظام کي بند ڪيو وڃي. نصرت خاصخيلي چيو ته معصوم نشاءَ ڪولھي جي اصل قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ وارثن کي تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي. ٽنڊوحيدر: حيدرآباد جي نئين چونڊيل ميئر ڪاشف شوري نشاءَ ڪولھي جي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺندي وارثن وٽ پھچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا آھن.  ان موقعي تي ڪاشف شوري وارثن کي يقين ڏياريو تھ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏياري ويندي، ھن کين ھر ممڪن سھڪار جي پڻ خاطري ڪرائي. ھوڏانھن اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو پٽ راول شرجيل انعام ميمڻ زيادتي بعد قتل ڪيل معصوم نياڻي نشاءَ ڪولهي جي وارثن وٽ پهتو ۽ ساڻن ڏک جو اظهار ڪيو. ھن چيو تھ نشا ءَ جا اصل قاتل جلد وائکا ٿيندا، واقعو افسوسناڪ آهي، اسان جون همدرديون وارثن سان گڏ آهن.  ٽنڊوحيدر: لڄالٽ بعد قتل ڪيل معصوم نياڻي نشاءَ جي ماءُ سيما ۽ پيءُ والجي ڪولھي صحافين ۽ قومي عوامي تحريڪ جي  وفد سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسان ڄام نواز علي کان مزدوري لاءِ آيا ھئاسين ته ظالمن اسان جي معصوم نياڻي سان لڄالٽ ڪري ان کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، اسان کي ڌمڪايو پيو وڃي، اسان کي پئسا نه پر انصاف گھرجي.   

Leave A Reply

Your email address will not be published.