نو مئي سانحو، فوجي ملڪيتن جي سيڪيورٽي برقرار رکڻ ۾ ناڪامي تي ليفٽيننٽ جنرل سميت اعليٰ آفيسر فارغ
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چيو آهي ته فوجي ملڪيتن جي سيڪيورٽي برقرار رکڻ ۾ ناڪامي تي ليفٽيننٽ جنرل سميت 3 فوجي آفيسرن کي نوڪري تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته 9 مئي سانحي کي نه وساريو ويندو ۽ نه ئي ملوث ماڻهن ۽ منصوبي ساز کي معاف ڪيو ويندو. جنرل هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد 9 مئي واقعن بابت آگاهه ڪرڻ آهي، 9 مئي واقعن ثابت ڪيو ته جيڪو دشمن نه ڪري سگهيو اهو ڪجهه شرپسندن ڪري ڏيکاريو، 9 مئي جو سانحو پاڪستان خلاف وڏي سازش هئي، ان سازش لاءِ سوشل ميڊيا تي ڪوڙ پکيڙيو ويو. هن چيو ته هيل تائين ڪيل جاچ ۾ ڪيتريون ئي شاهديون ملي چڪيون آهن، فوج آئي ڏينهن عظيم شهيدن جي جنازن کي ڪلهو ڏئي رهي آهي، 9 مئي تي شهيدن جي خاندانن جي دل آزاري ڪئي وئي، شهيدن جا خاندان اڄ سخت سوال ڪري رهيا آهن، ڇا انهن جي پيارن ان لاءِ قربانيون ڏنيون هيون؟ شهيدن جا وارث سوال ڪري رهيا آهن ته جوابدارن کي ڪڏهن قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، آرمي جا سمورا رينڪس سوال اٿاري رهيا آهن ته اسان جي شهيدن جي يادگارن جي ائين بي حرمتي ٿي رهي آهي ته اسان کي جانيون قربان ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. سندس موجب 9 مئي سانحو انتهائي افسوسناڪ هو، منصوبابندي ڪيترن ئي مهينن کان هلي رهي هئي، ماڻهن جي ذهن سازي ڪئي وئي، دهشتگردي خلاف آپريشن جاري آهي، فوج خلاف زهريلي پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، فوج کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي عوام کان ڌار نٿو ڪري سگهجي، هڪ سال کان سياسي مقصدن ۽ اقتدار جي هوس ۾ ڪوڙي پروپئگنڊا هلائي وئي، پاڪ فوج جي فيصلي سازي ۾ مڪمل هم آهنگي ۽ شفافيت آهي، دهشتگردي خلاف جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي، پاڪ فوج ملڪ جي دفاع ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ قربانيون ڏيندي رهندي.