My WordPress Blog

فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽٽي وئي  

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽٽي وئي.  چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ ست رُڪني لارجر بئنچ اڄ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻي جي شروعات ٿي ته وفاقي سرڪار جسٽس منصور علي شاهه جي بئنچ ۾ شامل ٿيڻ تي اعتراض اٿاري ڇڏي.  اٽارني جنرل منصور عثمان روسٽرم تي اچي بئنچ جي حوالي سان وفاقي حڪومت جي هدايتن بابت عدالت کي آگاهه ڪيو.  اٽارني جنرل چيو ته گذريل ٻڌڻي تي جسٽس منصور علي شاهه سوال ڪيو هوته مٿس اعتراض ته ناهي، مون چيو هوته جسٽس منصور علي شاهه تي اعتراض ناهي، هاڻي هدايت آهي ته جسٽس منصور علي شاهه بئنچ جو حصو نه هجي.  اٽارني جنرل چيو ته هڪ درخواست ڏيندڙ جسٽس منصور علي شاهه جو مائٽ آهي، ان لاءِ سندس ڪنڊڪٽ تي اثر پئجي سگهي ٿو.  چيف جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي مرضي سان بئنچ نه جوڙي ويندي، وفاقي سرڪار ڪهڙي بنياد تي وفاقي سرڪار جسٽس منصور علي شاهه تي اعتراض اُٿاري رهي آهي؟. چيف جسٽس عمر عطا بنديال، اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته اوهان جسٽس منصور تي اعتراض جانبداري تي اٿاري رهيا آهيو يا مفادن جي ٽڪراءَ تي اٿاري رهيا آهيو جنهن تي اٽارني جنرل منصور عثمان چيو ته وفاقي حڪومت جسٽس منصور تي مفادن جي ٽڪراءَ جي بنياد تي اعتراض ڪيو آهي.  چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ججن جي توهين نه ڪئي وڃي، ڪيس ۾ آئين ۽ قانون بدران ٻيا طريقا استعمال ٿي رهيا آهن.  جسٽس منصور علي شاهه پاڻ کي بئنچ کان ڌار ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا منهنجو رشتيدار آهي، هو وڌيڪ هن بئنچ جو حصو نٿو رهي سگهي.  اعتزاز احسن جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته اڄ عدالتي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آه، وڪيل سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هوهت بنيادي حقن جو ڪيس آهي، بئنچ تي اعتراض نه ٺهي، جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري.  چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته فلحال هو وقفو وٺي رهيا آهن ، پاڻ ۾ مشاورت کانپوءِ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪنداسين. وقفي بعد چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ ڇهه رڪني لارجر بئنچ جوڙي وئي آهي، جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي ۽ جسٽس عائشه ملڪ بئنچ جو حصو آهن.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.