سنڌ اسيمبلي: اڪثريت بجيٽ تي خاموش،عوامي مسئلن بدران رڳو سياسي معاملا ڇانيل !
ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي 50 سيڪڙو ميمبرن پنهنجي روايت برقرار رکندي بجيٽ اجلاس دوران هڪ لفظ به ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو،ياد رهي ته مالي سال 24-2023 جي بجيٽ 10 جون تي سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي هئي. سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران 168 ميمبرن مان 50 سيڪڙو ميمبرن 5هين سال به خاموشي اختيار ڪري رکي۽ ايوان ۾ ڪو به مطالبو يا ٺهراءُ پيش نه ڪيو.پيپلز پارٽي جي 99 مان 48 ميمبرن پنهنجي حڪومت جي بجيٽ بابت ڪجهه چوڻ ضروري نه سمجهيو. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي 50 ميمبرن 16 ڪلاڪ 36 منٽ تقريرون ڪيون پر ساڍا 7 ڪلاڪ تقريرون ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي خصوصيتن ۽ هلندڙ مالي سال جي بجيٽ جي حاصلات جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ هيون. سنڌ اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث 6 ڏينهن جاري رهيو، جنهن ۾ قائد ايوان وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ ڪلاڪ 42 منٽن تائين تقرير پڻ ڪئي. صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل جي بجيٽ تقرير ۾ پنهنجي کاتي جي تازي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي هدفن جو احاطو ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين وزيرن جي تقريرن ۾ سياسي معاملن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 9 مئي جي واقعن، مڪاني چونڊن جي نتيجن تي وڌيڪ ڳالهايو ويو، پيپلز پارٽي جا سنڌ اسيمبليءَ جا ڪيترائي ميمبر اهڙا هئا، جيڪي صرف فريال ٽالپر جي تقرير واري ڏينهن ۽ مانجهاندي لاءِ اجلاس ۾ آيا ، جڏهن ته ڪجهه ميمبرن وڏي وزير جي تقرير واري ڏينهن بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي سنڌ اسيمبليءَ جي گذريل ۽ پنجين بجيٽ اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل سميت ٻين 26 ميمبرن شرڪت نه ڪئي.بجيٽ تي بحث ۾ پي ٽي آءِ جي صرف 2 ميمبرن شرڪت ڪئي.بجيٽ اجلاس ۾ متحده قومي موومينٽ جي 21 مان 20 ميمبرن شرڪت ڪئي، جن مان 19 ميمبرن 7 ڪلاڪ 19 منٽ ڳالهايو. متحده مجلس عمل جي ميمبر عبدالرشيد بجيٽ تي تنقيد ڪندي ڪرپشن جو ذڪر ڪيو، جڏهن ته ايوان کي مختلف اسڪيمن بابت آگاهه ڪندي لياري لاءِ اسڪيمن جو مطالبو ڪيو. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) سان تعلق رکندڙ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نصرت سحر عباسي ڪيترن ئي مهينن کان پرڏيهه وڃڻ سبب بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. شڪارپور مان سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي ڊي اي شهريار مهر سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو، جڏهن ته هن گذريل بجيٽ اجلاسن ۾ سڀ کان وڌيڪ تفصيلي ۽ انگن اکرن تي ٻڌل تقرير ڪئي ۽ پيپلز پارٽي جي گورننس تي تنقيد ڪئي. بجيٽ اجلاس ۾ جي ڊي اي جي سنڌ اسيمبلي جي 14 مان 6 ميمبرن هڪ ڪلاڪ 56 منٽن تائين تقريرون ڪيون. بجيٽ اجلاس ۾ تحريڪ لبيڪ جي 3 مان 2 ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ 55 منٽ تقريرون ڪيون.