My WordPress Blog

چين هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي ريسڪيو لاءِ سامهون آيو آهي: وزيراعظم

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ باوجود معاهدي ۾ غير معمولي دير ٿي رهي آهي پر چين هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي ريسڪيو لاءِ سامهون آيو آهي، هن پاڪستان جي بي مثال مدد ڪئي.  اسلام آباد ۾ چشما 5 نيوڪليئر جي تعمير جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف شريڪ ٿيو.  تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻن عظيم دوستن چين ۽ پاڪستان لاءِ هي اهم موقعو آهي، 1200 ميگا واٽ جي چشما سي فائيو جي ايم او يو تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، منصوبو بنا ڪنهن دير جي شروع ڪيو ويندو، 4.8 ارب ڊالرن جو اهو منصوبو پيغام آهي ته چيني سيڙپڪار پاڪستان تي اعتماد ڪن ٿا، معاهدي سان پاڪ – چين لاڳاپن کي هٿي ملندي.  هن چيو ته ان منصوبي کي نواز شريف دور ۾ لڳائڻ جو فيصلو ٿي ويو هو، گذريل حڪومت ان منصوبي کي سرد خاني ۾ وجهي ڇڏيو هو، پاڪستان جي نئين فوجي قيادت جا به ٿورائتا آهيون ته ان منصوبي ۾ گهري دلچسپي ورتي، اهو منصوبو سول ۽ ملٽري ليڊرشپ جي ون پيج تي هجڻ جو نتيجو آهي.  آءِ ايم ايف جي حوالي سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف سان نائين جائزي لاءِ پاڪستان سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن پر معاهدي ۾ غير معمولي دير ٿي آهي، چين هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي ريسڪيو لاءِ سامهون آيو آهي، چين پاڪستان جي بي مثال مدد ڪئي،  سعودي عرب ۽ قطر اڃا تائين پاڪستان جي مدد ڪري رهيا آهن.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.