چيف جسٽس سان سينيئر وڪيلن اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا جي ملاقات
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سان سينيئر وڪيلن اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا ملاقات ڪئي آهي. ان ڏس ۾ لطيف کوسا جو چوڻ هو ته چيف جسٽس سان ملاقات ۾ ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ بابت گفتگو ٿي. هن چيو اميد ته اسان جا ڪيس ٻڌڻي لاءِ جلد مقرر ٿيندا، اسان ڪيسن جي جلد ٻڌڻي جي درخواست به داخل ڪئي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان، لطيف کوسا سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي هئي.