پي ٽي آءِ چيئرمين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري
لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف چيئرمين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جاچ آفيسر جي اپيل تي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر گرفتاري نه ٿي سگهي. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ان کانسواءِ حماد اظهر، ميان اسلم اقبال ۽ ٻين جا به ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا. جوابدارن خلاف نصيرآباد ٿاڻي ۾ ڪنٽينر ساڙڻ ۽ ماڊل ٽائون ٿاڻي ۾ ن ليگ جي آفيس تي حملي جو ڪيس داخل آهي.