نجم سيٺي پي سي بي چيئرمين جي ڊوڙ مان ٻاهر، ذڪاءَ اشرف لاءِ رستو صاف
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو سربراهه نجم سيٺي پي سي بي چيئرمين جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويو آهي، جنهن بعد ذڪا اشرف چيئرمين جي عهدي لاءِ مضبوط ترين اميدوار طور سامهون آيو آهي جنهن کي وزيراعظم بورڊ آف گورنرز جي رڪن جي حيثيت سان به نامزد ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي چيئرمين واري معاملي تي پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ گذريل ڪيئي ڏينهن کان ڇڪتاڻ جاري هئي. ن ليگ چاهي پئي ته نجم سيٺي ڪرڪيٽ بورڊ جي معاملن کي بهترين انداز ۾ هلائي رهيو آهي تنهنڪري کيس کي برقرار رکيو وڃي. پيپلز پارٽي جو چوڻ هو ته پي سي بي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جو حق آهي، حڪومت جيڪڏهن نجم سيٺي کي ڪائي ذميواري ڏيڻ چاهي ٿي ته کيس ڪنهن ٻئي هنڌ مقرر ڪيو وڃي. پر هاڻي نجم سيٺي پي سي بي چيئرمين شپ جي ڊوڙ ۾ حصو وٺڻ تان هٿ کڻي ورتو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر جاري ڪيل بيان ۾ نجم سيٺي لکيو ته هو شهباز شريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ تڪرار جو سبب بڻجڻ نٿو چاهي، اهڙي قسم جو عدم استحڪام پي سي بي لاءِ به ٺيڪ نه آهي، موجودا صورتحال ۾ مان هاڻي چيئرمين شپ جو اميدوار نه آهيان. ٻئي پاسي وزيراعظم هائوس طرفان پي سي بي چيئرمين جي گورننگ بورڊ لاءِ ذڪا اشرف ۽ مصطفيٰ رمدي جو نامزدگي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. پيٽرن اِن چيف وزيراعظم شهباز شريف ٻن نالن جي منظوري بعد سمري بين الصوبائي وزارت ڏانهن اُماڻي ڇڏي آهي. پي سي بي قانون پٽاندڙ هاڻي چيف اليڪشن ڪمشنر گورننگ بورڊ جو هڪ خاص اجلاس سڏائيندو جنهن ۾ نئين چيئرمين جي چونڊ ٿيندي. راويت تحت وزيراعظم طرفان نامزد ماڻهن مان ئي ڪنهن هڪ فرد جي پي سي بي چيئرمين طور چونڊيو ويندو آهي. ذريعن موجب، وزيراعظم طرفان ذڪاءَ اشرف ۽ مصطفيٰ رمدي جا نالا اُماڻڻ جو امڪان آهي، وزيراعظم جي ٻن نالن سان بورڊ آف گورنرز جو انگ ڏهه ٿي ويندو. هواڏنهن اڳوڻي ڪرڪيٽر عامر سهيل پي سي بي جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي کي ڪم کان روڪڻ لاءِ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ، آءِ پي سي منسٽري ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ڏانهن قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو آهي. اڳوڻي ڪپتان طرفان موڪليل قانوني نوٽيس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ وفاقي وزارت کان اپيل ڪئي وئي آهي ته نجم سيٺي جي سربراهي ۾ مئنيجمنيٽ ڪميٽي هر طرح جي پاور جي استعمال سميت گڏجاڻين کان روڪيو وڃي. نوٽيس جي متن موجب وزيراعظم شهباز شريف مئنيجمينٽ ڪميٽي کي 19 جون تائين ڪم ڪرڻ جي مهلت ڏني هئي.