ضمانتون رد، شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر عدالت مان هڪ ئي گاڏي ۾ کِسڪي ويا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد تحريڪ انصاف اڳواڻن شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ اسد قيصر جون ضمانتن جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون. ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا درخواستن تي محفوظ فيصلو ٻڌايو. عدالت شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر خلاف ترنول ٿاڻي ۾ ۽ اسد قيصر جي سنگجاڻي ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ درخواست خارج ڪئي. پيشي لاءِ ڌار ڌار ايندڙ ٽئي اڳواڻ ضمانتون خارج ٿيڻ کانپوءِ ڪچهري مان روانا ٿي ويا پر گرفتاري کي ڏسندي ٽئي اڳواڻ مختلف دَرن مان نڪتا، شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر عدالتي ڪمري جي دَر تي بيهي فيصلو ٻڌو. شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر ٻئي هڪ گاڏي ۾ ويهي ڪچهري مان روانا ٿيا، جڏهن ته اسد قيصر فيصلو ٻڌڻ کان اڳ ئي روانو ٿي ويو. ٽنهي ڄڻن تي جڊيشل ڪامپليڪس ۾ عمران خان جي پيشي جي موقعي تي ڀڃ ڊاهه ۽ شهرين کي تشدد تي اڪسائڻ جا ڪيس آهن.